سنڌ جو صحت کاتو ڪرپشن جي ڪينسر ۾ ورتل آھي: اياز پليجو

سنڌ جو صحت کاتو ڪرپشن جي ڪينسر ۾ ورتل آھي: اياز پليجو

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جو صحت کاتو ڪرپشن جي ڪينسر ۾ ورتل آھي. سرڪاري اسپتالن جي حالت خراب آھي. معياري علاج جون سھولتون ناھن. ڊاڪٽر ڊيوٽيون نٿا ڪن. ڊي ايچ اوز ۽ ميڊيڪل آفيسر مٿي تائين ملي ڀڳت ڪري ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪري وڃن ٿا. جيڪي دوائون خريد ڪيون وڃن ٿيون، اھي غير معياري آھن. اڪثر اسپتالن ۾ دوائن جو کوٽ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچيز حيدرآباد سميت سنڌ جي وڏن شھرن جي اسپتالن ۾ دوائن، خوراڪ، صفائي، تيل ۽ ٻين منصوبن جي نالي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿي رھي آھي. ماڻھو سرڪاري اسپتالن بدران پرائيويٽ اسپتالن جو رخ ڪن ٿا. خانگي ڊاڪٽرن کي ڏيکارين ٿا ۽ مھانگيون دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ سميت معياري ٽيسٽون نہ ٿيڻ ۽ سھولتن جي کوٽ جون شڪايتون جتان ڪٿان اچن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سند حڪومت غريب ماڻھن، ھارين ۽ پورھيتن لاءِ زندگي جا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن. جن وٽ پئسا ناھن، انھن کي علاج جون سھولتون ناھن. آھي بيمارين ۾ تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. سنڌ ۾ غريب مسڪين ماڻھو غربت، بيروزگاري ۽ مھانگائي جي ڪري انتھا ڪسمپرسيءَ جي حالت جو شڪار آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ نوڪريون تہ وڪامن ٿيون پر سرڪاري ڊاڪٽرن سميت ھر کاتي جي آفيسرن جون مقرريون به لکين روپين جي رشوت تحت ٿين ٿيون. جيڪو ڊاڪٽر، جيڪو آفيسر پئسا ڏئي پوسٽنگ ڪرائي ٿو اھو پنھنجي ڊيوٽي مال ڪمائڻ لاءِ ڪري ٿو. عوام کي لٽي ٿو. ھر جائز ڪم لاءِ پئسا ڪمائي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو