ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ سرڪار جا ترقياتي منصوبا صوبي جي معيشت ۽ عوام جي زندگين ۾ واضح بھتري جو ڪارڻ بڻجي رھيا آھن، ڪوسٽل ھاءِ وي، روھڙي گڊو بئراج روڊ، مھراڻ ھاءِ وي، ٽنڊو الھيار کان ٽنڊو آدم روڊ، سانگھڙ کان روھڙي شاھراھھ اھميت وارا منصوبا آھن، ھاءِ وي ۽ روڊن جا منصوبا علائقائي ۽ بين الصوبائي رابطن کي مضبوط بڻائيندا، واپار، زراعت ۽ صنعتي شعبن کي بھ ھٿي ملندي. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سانگھڙ، ٽنڊو الھيار، نوابشاھھ ۽ ٻين علائقن ۾ جاري منصوبا ٻھراڙي جي معيشت کي فعال ڪرڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ واري پاليسي جو حصو آھن، سنڌ سرڪار جي اوليت ترقي جي عمل ۾ شفافيت، رفتار ۽ عوامي فائدي کي يقيني بڻائڻ آھي. ھن چيو تھ فنڊز جي وقت سر فراھمي ۽ منصوبن جي مڪمل نگراني شھري ۽ ٻھراڙي واري علائقن کي ھڪجيترا موقعا فراھم ڪرڻ واري ويزن جو حصو آھي، سنڌ فلڊ ايمرجنسي ري ڪنسٽرڪشن پروجيڪٽ سنڌ جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ۽ مستقبل جي لاءِ جٽادار بڻائڻ جو واضح مثال آھي، سندس چوڻ ھو تھ 2022 جي تباھي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ سنڌ سرڪار جنھن تيزي ۽ عزم سان بحالي جو عمل شروع ڪيو، اھو وفاق سميت سمورن ادارن لاءِ ھڪ ماڊل آھي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ روڊن جي بحالي ۽ اُنھن ۾ واڌارو صوبي جي ڊگھي مدي واري ترقي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اھم آھي.










