ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽيندڙ سيد اويس قادر شاهه سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ انٿوني نويد ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي 9 آزاد ميمبرن ۽ جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق حلف کڻي ورتو، آئون ڀليڪار چوان ٿو، سنڌ جي عوام جي خدمت ڪندو رهندو. اجلاس جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر آغا سراج دراني نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ اجلاس جي پينل کي نامزد ڪيو.اجلاس ۾ آغا سراج دراني شرجيل ميمڻ، سعيد غني، ندا کھوڙي ۽ علي سهري کي پينل نامزد ڪيو.سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿي پر سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن ووٽنگ جو بائيڪاٽ ڪيو.ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد ڳڻپ شروع ٿي ۽ اسپيڪر آغا سراج دراني نتيجن جو اعلان ڪندي چيو ته سيد اويس قادر شاهه 111 ووٽ حاصل ڪري اسپيڪر چونڊجي ويو آهي، ايم ڪيو ايم جي اميدوار صوفيه سعيد شاهه 36 ووٽ حاصل ڪيا.بعد ۾ آغا سراج دراني کي سيد اويس قادر شاهه عهدي جو حلف ڪرايو، جنهن کانپوءِ هن پنهنجون ذميواريون سنڀاليون.ان کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي انٿوني نويد کي سنڌ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو.انٿوني نويد 111 ووٽ کڻي سنڌ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو، جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر لاءِ ايم ڪيو ايم جي اميدوار راشد خان 36 ووٽ حاصل ڪيا.










