ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته سنڌ اسان لاءِ ريڊ لائن آهي، پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌ کي انتظامي يونٽس ۾ ورهائڻ جي حمايت ناهي ڪئي، نه وري ڪڏهن ڪندي.سعديه جاويد چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي، معاشي بحران آهي، انتظامي يونٽس کي هلائڻ جي لا پئسا ڪٿان کان آڻينداسين؟ ملڪ جون معاشي حالتون اجازت نٿيون ڏين ته وڌيڪ انتظامي يونٽس بڻجن. سعديه جاويد چيو ته انتظامي يونٽس جو معاملو ايم ڪيو ايم جو سياسي اسٽنٽ آهي، مصطفيٰ ڪمال اڍائي سالن کان صحت واري وزارت جو وزير آهي، هن پنهنجي ووٽرز جي لاءِ ڪڏهن آواز اٿاريو؟ خالد مقبول صديقي ڪا يونيورسٽي ٺاهي؟ ڪو تعليم جو منصوبو ڏنو؟ سنڌ حڪومت جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪراچي سنڌ جو راڄڌاني وارو شهر آهي، سنڌ جي ورهاست پيپلز پارٽي کي قبول نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جا ماڻهو پنجاب ۾ انتظامي يونٽس جي ورهاست چاهين ٿا، سنڌ جا ماڻهو نٿا چاهين.سعديه جاويد چيو ته ڪراچي ۾ انفرااسٽرڪچر تي ڪم ٿي رهيو آهي، جيترو ٿيڻ گهرجي اوترو ٿي رهيو آهي، يونيورسٽي روڊ تي شهرين کي تڪليف برداشت ڪرڻي پئجي رهي آهي، مان 40 سالن کان ڊفينس ۾ رهندي آهيان، منهنجي گهر ته پاڻي نٿو اچي.سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته ڪراچي ۾ تمام گهڻا مسئلا آهن، اسان شين کي بهتر ڪري رهيا آهيون. سمورا الزام اسان تي نٿا لڳائي سگهجن، اوهان هن سال جي آخر ۾ ڏسندو ته ڪراچي جي حالتن ۾ بهتري ايندي. ريڊ لائن منصوبي جي حوالي سان سعديه جاويد چيو ته ريڊ لائن منصوبي تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي. ريڊ لائن جي مڪسڊ لين ٽريڪ جي ڊيڊ لائن 31 جولاءِ آهي.










