سنڌيارسٿ پاران سڀني کي امڙين جو عالمي ڏينهن مبارڪ هجي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڄ سڄي دنيا ۾ ماءُ سان محبت جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد معاشري ۾ امڙين سان محبت ۽ ان جي احترام کي اجاگر ڪرڻ ۽ اولاد کي ماءُ جهڙي عظيم هستي جي خدمت بابت يادگيري ڪرائڻ آهي. ماءُ هر انسان جي پهرين درسگاهه هوندي آهي. امڙين جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ سنڌ سميت سموري دنيا ۾ تقريبون منعقد ڪري ماءُ جي عظمت کي سلام ۽ ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. مائرن جي عالمي ڏينهن تي امڙ کي تحفا ۽ سلام پيش ڪيو پيو وڃي، مائرن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي ۽ ان جو سڀ کان پهريان يوناني تهذيب مان ڏس ملي ٿو. جتي سمورن ديوتائن کي ماءُ “گرهياديوي” جي مان ۾ اهو ڏينهن ملهايو ويندو هو. آمريڪا ۾ مائرن جي ڏينهن جي شروعات 1872ع ۾ ٿي. سنڌيارسٿ پاران سڀني پڙهندڙن کي امڙين جو عالمي ڏينهن مبارڪ هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو