نواب شاهه (رپورٽ اي ڪي ڏاھري ) عورتن کي بااختيار بنائڻ لا۽ پيش ايندڙ چيلنجز جي عنوان سان شهيد بينظير ڀٽويونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي ڊائريڪٽوريٽ آف جينڊر ڊولپمينٽ پاران وومين ڊولپمينٽ شهيد بينظير آباد جي تعاون سان عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي ٿيندڙ تقريبن جي سلسلي ۾ يونيورسٽي ۾ ريلي ۽ سيمينار جي انعقاد ڪيو ويو سيمينار کي خطاب ڪندي نالي واري اديب ۽ استاد پروفيسر ڊاڪٽرعرفانه ملاح چيو ته سماج ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت کان سواءِ ترقي ممڪن نه آهي. اسانجو سماج ايترو بي حس ٿي چڪو آهي ، هتي ماڻهو عورت جي تقدس کي پامال ڪن ٿا ان جي مان ۽ رتبي جو قدر نه ٿا ڪن. جمهوريت جي دعويدارن ، حڪمرانن ۽ ڊڪٽيٽرن عورتن جي بهتري لاءِ ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪيترائي قانون جوڙيا مگر افسوس جو ايترو عرصو گذرڻ باوجود به عورتن کي انصاف پلئه نه پيو ، اسان جي عورت رهنمائن کي گھرجي ته عورتن جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ سنجيدگي جو مظاهرو اختيار ڪن کين گھربل انصاف ميسر ڪن ، عورتن کي تعليمي ميدان ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتون ختم ڪيون وڃن جنهن سان گڏ عورتن کي هر محاذ تي سرگرم ڪن جيڪو اسان جي سماج جي ترقي لاءِ پڻ اهم قدم ثابت ٿيندو. اها ئي عورت آهي جنهن کي شاه سائين پنهنجي شاعري ۾ سسئي ۽ مارئي چيو ، ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن عورتن کي ارپنا ڏني. ان لا۽ والدين پنهنجين نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. ڊاڪٽر امر سنڌو چيو ته عورت جو معاشري ۾ اهم ڪردار آهي. اها عورت ئي آهي، جنهن جي ڪري اسان سڀ هتي آهيون. هن چيو ته ملڪ ۾ عورتن جي حقن بابت قانون سازي ته موجود آهي، پر ان تي عمل جي ضرورت آهي. اسانجو سماج ايترو بي حس ٿي چڪو آهي ، هتي ماڻهو عورت جي تقدس کي پامال ڪن ٿا ان جي مان ۽ رتبي جو قدر نه ٿا ڪن ، اها ئي عورت آهي جنهن کي شاه سائين پنهنجي شاعري ۾ سسئي ۽ مارئي چيو. اڄوڪو ڏهاڙو عورتن کي بااختيار بنائڻ جو پيغام ڏيئي رهيو آهي. عورتن جي اهميت ۽ معاشري جي جوڙجڪ ۾ سندن ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، کين بهترين تعليم فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي. هن چيو ته والدين پنهنجين نياڻين کي بااختيار بنائڻ لاءِ تعليم ڏيارين ۽ سندن مناسب پرورش ڪن ته جيئن هو مضبوطيءَ سان معاشري ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهن. هن چيو ته عورتن جي حقن جو سماج جي هر فرد کي خيال رکڻو پوندو ۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان جي سماج ۾ عورت تعليم يافته ٿيندي. جينڊر ڊولپمينٽ جي مرينه شير باز، وومين ڊولپمينٽ جي نسيم حسن مستوئي، وومين ڪميشن جي نزهت شيرين، افروز سيال، دستار علي چانڊيو ۽ ويچار ونڊيندي چيو ته ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن عورتن کي ارپنا ڏني ، سنڌ ڌرتي تي اسان کي هميشه فخر رهيو آهي ، اسان جا شاعر ، اديب ، ليکڪ ان ڌرتي جي سونهن ۽ عورت تي لکندا رهن ٿا پر ان ڌرتي ۾ عورت جي سونهن ۽ معصوميت کي ڪڌين رسمن جي ور چاڙهيو وڃي ٿو وحشين هٿان عورتن جي لڄ کي لتاڙيو وڃي ٿو ان سون جهڙي سنڌ اندر عورتن سان هانءُ ڏاريندڙ واقعا پيش اچن ٿا. ان موقعي تي عملي ميدان ۾ پاڻ مڃائيندڙ عورتن پروفيسر ڊاڪٽر فريده فاروق وڳڻ، قمر النساءَ ڌامراه، عظمٰي ڪمبوه، فرحانه صالح، شازيه سميع، حميرا مير، شاهده تاج ابڙو، ڊاڪٽر عرفانه ميمڻ، بينظير شاه ۽ ٻين کي پڻ شيلڊون پڻ ڏنيون ويون جڏهن ته گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول نواب شاه جي شاگردياڻين سنڌي رسمن ۽ رواجن تي ٽيبلو پڻ پيش ڪري عورت جي مقام ارپنا بخشي.










