گھوٽڪي (ن س )سماج سڌارڪ ۽ هارين جي حقن لاء سڄي زندگي جدوجهد ڪندڙ ڊاڪٽر گل محمد مهر جي 24 هين ورسي ڳوٺ عارب مهر ۾ ملهائي وئي. گل ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ڳوٺ عارب مھر جي ساڃاھ وند ڳوٺاڻن پاران هن تقريب جو اهتمام ڪيو ويو.هن موقعي تي مقررن چيو ته ڳوٺ عارب مهر ۽ پسگردائي جي ڳوٺن ۾ سماجي ۽ سياسي شعور ڦهلائڻ ۾ ڊاڪٽر گل جو وڏو ڪردار آهي. تقريب کي ڪامريڊ مٺل مهر، حسين سارنگ، راجا عباس ، علي مراد ، سجاد علي ، غلام مرتضيٰ ، ابوالحسن، مختيار احمد ، علي محمد لنجار ، ڪامريڊ واحد بخش مھر، حيدر سنڌي۽ منصور مھر خطاب ڪيو. حيدر سنڌي تقريب جي ڪارروائي ھلائي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي شاعري سان گڏوگڏ پنھنجي شاعري به پيش ڪئي. ھيء تقريب ڊاڪٽر گل جي پھرئين رھائش گاھ ھاڻوڪي فيض محمد واري اوطاق تي ٿي. اتان ئي عارب ڳوٺ جي شعوري تنظيمي سفر جي ابتدا پھرئين جون ١٩٨٤ع تي بزم گل ٽڙيا جي قيام سان ڪئي وئي ھئي.
ڊاڪٽر صاحب سان گڏ تنظيمي جاکوڙ ڪندڙن توڙي نوجوان ڳوٺ واسين ۽ تر جي متحرڪ ساٿين ڊاڪٽر صاحب جي ذاتي ۽ تنظيمي زندگي ۽ سندس فڪر تي روشني وڌي. ڊاڪٽر صاحب جي شاعريء جو ڪتاب جلد ڇپرائڻ جي گھر ڪندي سندس ايندڙ سالگرھ ٢٢ جون ٢٠١٩ع تي شاندار نموني ملھائڻ جو عزم ڪيو ويو. مقررن چيو ته ڊاڪٽر گل هڪ پاسي هارين کي متحد ڪري منجهن حقن جي حصول لاء هاري حقدار تنظيم ٺاهڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ، سنڌ ٽيننسي ايڪٽ مطابق هارين کي پهنجي قانوني حقن بابت ڄاڻ به ڏني. مقررن موجب داڪٽر گل علائقي جي وڏيرن خلاف هڪ موءثر آواز ۽ للڪار هو.
ايئرپورٽن تي اميگريشن سسٽم 1 ڪلاڪ بند رهڻ بعد بحال
ڄامشورو، مسافر بس حادثي جو شڪار، 1 ڄڻو فوت، 9 ڄڻا زخمي
ڪراچي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت، عورت زخمي
چونڊن ۾ فراڊ تي سزا ڏياريندڙ کي 10 لک ڊالر انعام ڏيندس: ٽرمپ
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ، نوان اگهه لاڳو
وزيراعظم ۽ جماعت اسلامي جي امير ۾ ملاقات طئي
اسرائيل ۾ ٿيندڙ چونڊون ۽ عالمي معيشت تي اثر
حڪومت 2 کرب 35 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظر ثاني ڪري، فاروقي
ايران جي صدر جو علائقائي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي تي زور
چين جو سامونڊي تحقيق لاءِ ترندڙ پليٽ فارم ٺاهڻ جو اعلان
لياري جي مرزا آدم خان روڊ جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ واڌ، نئين شرح 12 سيڪڙو مقرر
قبو سعيد خان،عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ
ليوي ختم نه ٿي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو: حافظ
سنڌ ۾ سرنهن، تر ۽ ڪينولا جي پوک ۾ واڌ خوش آئند آهي
غير سياسي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ لاڏاڻو ڪري ويو
ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هٿان سجاول واسي 4 مهاڻا گرفتار
سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو
ٽرمپ کي ڌچڪو، برازيل ۾ لولا چوٿون ڀيرو صدر چونڊجي ويو
گمبٽ: شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، نينگر فوت










