سليم خان جو دورو، غير حاضر ملازمن خلاف ڪاروائي جي هدايت

سليم خان جو دورو، غير حاضر ملازمن خلاف ڪاروائي جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز اطلاعات کاتو سنڌ محمد سليم خان کاتي جي آفيسرن ۽ عملي تي زور ڀريندي چيو ته هو آفيس ۾ وقت تي اچڻ جي پابندي ڪن ۽ پنهنجا فرض وڌيڪ محنت ۽ لگن سان سرانجام ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن کاتي جي مختلف آفيسن جي اوچتي دوري جي موقعي تي ڪيو، دوري دوران ڊائريڪٽر اطلاعات ايڊمن اينڊ اڪائونٽس منصور احمد راجپوت پڻ ساڻس گڏ موجود هئا. هن ڪجهه آفيسرن کي بنا اطلاع آفيس ۾ غيرموجودگي جو نوٽس وٺندي چيو ته جيڪڏهن هو وقت تي آفيس نه پهچندا ته لاڳاپيل عملو به وقت جي پابندي نه ڪندا جنهن جي ڪري سرڪاري معاملا متاثر ٿيندا. هن چيو ته آفيس وقت جي پابندي نه ڪرڻ ۽ ديري سان اچڻ وارن آفيسرن ۽ ملازمن جي خلاف لاڳاپيل قانونن جي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. محمد سليم خان چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ جي واضح هدايت آهي ته آفيس وقت جي پابندي ڪئي وڃي ان لاءِ غير حاضر ديري سان اچڻ وارا آفيسر ۽ ملازم وقت جي پابندي کي پنهنجو مقصد بڻائين. اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز سنڌ محمد سليم خان ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڪائونٽس منصور احمد راجپوت کي بيرڪ نمبر 96 جي ڪوريڊور ۾ موجود اشتهارن جي ريڪارڊ کي جلد کان جلد محفوظ جڳهه تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته کاتي جي آفيسن ۾ صفائي سٿرائي کي ترجيح ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اطلاعات کاتو سنڌ حڪومت جي ترجماني ڪرڻ جي حيثيت رکندو آهي ڇوته ان جي ذريعي حڪومت پاران کنيل قدمن ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ فائدن جي باري ۾ معلومات عوام تائين پهچائي سگهجي ٿي. هن چيو ته ميڊيا جي تيز رفتار ترقي جي هن جديد دور ۾ آفيسرن کي پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ گهرجي، ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز سنڌ محمد سليم خان وڌيڪ چيو ته هو آفيسن جا اوچتو دورن جو سلسلو جاري رکندو ته جيئن ملازمن جي ڪارڪردگي ۾ بهتر آڻي سگهجي ڊائريڪٽر اطلاعات ايڊمن اينڊ اڪائونٽس منصور احمد راجپوت کين مختلف ڊائريڪٽوريٽس ۾ بهتري جي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ تفصيل سان بريفنگ ڏني.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو