نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان جو چوڻ آهي ته سلامتي ڪائونسل کي هٿياربند گروپن جي خلاف سنجيده ۽ سخت قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن انهن جي نقصان کي محدود ڪري سگهجي.سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان نيويارڪ ۾ عرب سمٽ ٽروڪا ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ڳالهين واري اجلاس دوران عالمي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ ۾ هٿياربند گروهن جي وڌندڙ ڪردار کان خبردار ڪيو.انهن جو چوڻ آهي ته انهن گروهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعن ۽ هٿيارن تائين آسان رسائي حاصل آهي، جيڪا رياستي ادارن کي ڪمزور ڪري رهي آهي.سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان وڌيڪ چيو آهي ته انهن گروهن جو اثر جغرافيائي حدون پار ڪري رهيو آهي، جيڪو ملڪي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ وڌندڙ خطرو آهي. هن سيشن دوران اهو به چيو ته سعودي عرب يمن جي ڌرين وچ ۾ ڳالهين جي خواهشمند آهي، هي ڳالهه ٻولهه يمن ۾ سلامتي ۽ استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪندي.










