سلائي مرڪز جي ڪارڪردگي جو  جائزو

سلائي مرڪز جي ڪارڪردگي جو جائزو

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) سوشل ويلفيئرڊپارٽمنٽ  جي سھڪار سان تعلقي بلڙي شاھ ڪريم يونين ڪائونسل لال محموداڻي جي ڳوٺ محمدعارب خاصخيلي ۾ سھارا تنظيم پاران قائم سھاراوومين ووڪيشنل سينٽر جي سماجي  اڳواڻن فرزانه خاصخيلي ۽ امدادعلي خاصخيلي  پاران پندرنھن روزه ڪارڪردگي جو جائزو ورتوء سينٽر تي سلائي ڪڙھائي جو ڪم ڪندڙ 25 عورتن جي ڪم کي پڻ ساراھيو. ان موقعي تي ميڊياسان ڳالھائيندي اڳوڻن چيو ته سھارا تنظيم پاران ڳوٺاڻي سطع تي ھن وومين ووڪيشنل سينٽرکي قائم ڪرڻ جو اھوئي مقصدآھي ته ڳوٺن جي محنت ڪش عورتن کي سلائي ء ڪڙھائي جا جديد هنر۽ نمونا سيکارياوڃن ته جيئن ھتان جي ڳوٺن جون محنت ڪش عورتون پنھنجو روزگارآساني سان ڪري سگھن ۽ پنھنجي پيرن تي بيھي سگھن.

پهنجو تبصرو موڪليو