سعودي ولي عهد جي دوري جي حمايت ڪريون ٿا،آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا چيو آهي ته هو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان دوري جي حمايت ڪري ٿو.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستاني چونڊن جي حوالي سان اسان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي جي حمايت نٿو ڪري.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ معاشي سڌارن، انساني حقن، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان علاوه هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان ۾ ماضي ۾ محدود تڪرار رهيا آهن، خطي ۾ عدم استحڪام بابت ايران جا ارادا شڪي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو