سعودي ولي عهد جو سيپٽمبر ۾ پاڪستان دوري جو امڪان

سعودي ولي عهد جو سيپٽمبر ۾ پاڪستان دوري جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو سيپٽمبر ۾ پاڪستان جي دوري جو امڪان آهي سفارتي ذريعن مطابق محمد بن سلمان جو سيپٽمبر جي ٻئي هفتي ۾ پاڪستان جي مختصر دوري جو امڪان آهي سعودي ولي عهد پهرين مرحلي ۾ پاڪستان ۽ ٻئي ۾ ڀارت روانو ٿيندو سفارتي ذريعن مطابق محمد بن سلمان جي-20 سربراهه اجلاس کان پوءِ ڀارت پهچندو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪندو ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان به ملاقات جو امڪان آهي ملاقاتن ۾ پاڪ سعودي عرب لاڳاپا وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي دفاعي لاڳاپا ۽ گڏيل هٿياربند دفاعي مشقن تي ڳالهه ٿيندي سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ تيل صاف ڪرڻ جا ڪارخانا قائم ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو