سعودي ولي عهد ايران جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي

سعودي ولي عهد ايران جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان ايران جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب شهزادي محمد بن سلمان ايران جي وقتي صدر ڊاڪٽر محمد مخبر کي فون ڪري هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيندڙ اڳوڻي صدر ابراهيم رئيسي سان تعزيت جو اظهار ڪيو.ڳالهين دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ايران جي قائم مقام صدر شهزادي محمد بن سلمان کي اسلامي جمهوريه جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، جيڪا سعودي ولي عهد قبول ڪئي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ٻن ڏهاڪن ۾ ڪنهن سعودي شاهي شخصيت جو تهران جو اهو پهريون ممڪن دورو هوندو، جيڪو سالن کان ڇڪتاڻ واري لاڳاپن کانپوءِ مثبت سفارتي لاڳاپن ڏانهن هڪ ٻئي قدم جو اشارو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو