سعودي عرب ۾ طوفاني برسات، نظام درھم برھم

سعودي عرب ۾ طوفاني برسات، نظام درھم برھم

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برساتن سبب شهري علائقن کان علاوه ريگستاني واديون به پاڻي سان ڀرجي ويون.عرب ميڊيا موجب رياض، الخرج، القاسم، بريده، دمام، الخوبر، الاحساء، الجيل ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برساتون ٿيون آهن.شهر جا اهم شاهراه ۽ انڊر پاسز پاڻي ۾ ٻڏي ويا جڏهن ته ڪيتريون ئي گاڏيون ٻڏي ويون.سعودي ميڊيا موجب برسات جو پاڻي ڪاروباري مرڪزن ۾ داخل ٿي ويو جڏهن ته خراب موسم سبب ڪيتريون ئي اڏامون منسوخ ڪيون ويون.سعودي ٽريفڪ پوليس عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو غير ضروري سفر ۽ ريگستاني وادين ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.سعودي موسميات کاتي موجب ايندڙ ٻن ڏينهن تائين موسم غير يقيني رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو