سعودي سيڙپڪاري سان آءِ ايم ايف کان وڏو پروگرام وٺڻ جي اميد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)5 بلين ڊالر جي سعودي سيڙپڪاري آءِ ايم ايف کان وڏو پروگرام وٺڻ ۾ مدد ڪندي.اها ڳالهه ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ٻيا دوست ملڪ آءِ ايم ايف جو وڏو پروگرام حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن.ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته سعودي ڪمپنيون شروعاتي طور تي سرڪاري ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو ارادو رکن ٿيون.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، هو زراعت، آئي ٽي ۽ صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي ڪم ڪري رهيا آهن.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته ترقياتي منصوبا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي کنيا وڃن.ٻئي طرف آءِ ايم ايف ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي پرڏيهي ادائيگين لاءِ وڏي سيڙپڪاري ۽ نجڪاري جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو