رياض (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڻي جا ذخيرا تيزي سان گهٽجي رهيا آهن، ان بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪم ڪرڻو پوندو.سعودي راڄڌاني رياض ۾ ون واٽر سمٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڻي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ گڏيل قدم کڻڻا پوندا.شهباز شريف چيو ته اهي چئلينجز پاڪستان لاءِ نوان نه آهن، اسان 2022ع جي ٻوڏ کان وٺي انهن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.وزيراعظم رياض ۾ فرانس جي صدر ميڪرون سان به ملاقات ڪئي ۽ رياض ۾ ون واٽر اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي صدر ميڪرون کي مبارڪباد ڏني ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ترقي جي معاملن تي فرانس جي ڪردار کي ساراهيو.ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ ڪاروبار کان ڪاروباري لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ پاڪستان ۽ فرانس جي لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.وزيراعظم فرانس کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته فرانس پاڪستان ۾ موسمياتي موافقت ۽ قابل تجديد توانائي مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو.ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو.










