لاهور (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف اڳواڻ سرور سليم جوڙو جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي عدالت اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو.جسٽس امجد رفيق لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سرور سليم جوڙو جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته سرور سليم جوڙي کي ريلي ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ حراست ۾ ورتو ويو، ڪنهن کي به بنا جواز گرفتار نٿو ڪري سگهجي.درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته ايم پي او سيڪشن 3 ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.عدالت اٽارني جنرل کي 27 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو.عدالت ايم پي او سيڪشن 3 جي آئيني حيثيت بابت اٽارني جنرل کي جواب طلب ڪري ورتو










