ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سرجاني ٿرڊ ٽائون ۾ هڪ گهر مان هڪ شخص جي لاش ملي آهي.واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي. پوليس موجب، مقتول جي مٿي ۾ گولي لڳل هئي. مقتول جي سڃاڻپ ڄام سيف الله جي نالي سان ٿي آهي. مقتول اسٽيٽ ايجنٽ لاءِ ڪم ڪندو هو ۽ ٻه ڀيرا شادي ڪئي هئي.پوليس وڌيڪ چيو ته ٻئي زالون مقتول کي ڇڏي ويون هيون. مقتول گهر ۾ اڪيلو رهندو هو. ڇا اهو واقعو ذاتي دشمني هئي يا ڪجهه ٻيو، هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي.پوليس چيو ته مقتول جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جوابدار جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي ۽ جلد ئي کيس حراست ۾ ورتو ويندو.










