سجاول: (ن س) سجاول ڀرسان ڳوٺ ٻڍو ٽالپر ۾ جت برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا سجاول ڀرسان ڳوٺ ٻڍو ٽالپر ۾ جت برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو ھلندڙ تڪرار رتوڇاڻ ۾ تبديل ٿي ويو. فائرنگ جي نتيجي ۾ محمد هاشم ۽ عبداللطيف مارجي ويا.ٻڌايو پيو وڃي ته مارجي ويلن مان هڪ جو ڀاءُ ۽ ٻئي جو چاچو عبدالقادر جت بدين جيل ۾ قيد آهي، جن سان ملاقات لاءِ اهي بدين وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ انهن کي گوليون هنيون ويون.ريسڪيو ذريعن موجب لاش سول اسپتال سجاول منتقل ڪيا وياآهن، جڏهن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، فائرنگ جو سلسلو به وقفي وقفي سان جاري آهي، پوليس موجب واقعي جو اڃا تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.










