جاتي ( ن س ) سجاول ويجهو خطرناڪ روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، تفصيلن موجب سجاول ويجهو بدين باءِ پاس وٽ انڊس شادي حال ويجھو سوزوڪي کي ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب سوزوڪي سوار جاتي شهر جو رهواسي 16 سالا نوجوان آصف ولد ڪاشف ميمڻ موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ٽي ڄڻا نثار ميربحر، لطيف ٿهيم ۽ عثمان پالاري سخت زخمي ٿي پيا فوتي ۽ زخمين کي سول اسپتال سجاول آندو ويو زخمي عثمان پالاري جي تمام زياده نازڪ حالت هجڻ ڪري حيدآباد روانو ڪيو ويو، ٻي پاسي فوتي نوجوان آصف ميمڻ جي مڙه کي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ شھر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي










