سجاول ۾ تيز هوائن سبب سنڌو ۾ ٻيڙي اونڌي، 3 لاش هٿ

سجاول ۾ تيز هوائن سبب سنڌو ۾ ٻيڙي اونڌي، 3 لاش هٿ

سجاول (ن س )سجاول ويجهو سنڌو درياهه ۾ تيز هوائن سبب ٻيڙي اونڌي ٿي وئي. پوليس موجب، واقعو يعقوب منارو ڳوٺ جي ويجهو سنڌو درياءَ ۾ پيش آيو، ٻيڙي تي سوار ماڻهو ڪم کان پوءِ پنهنجن ڳوٺن ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ۾ 16 ماڻهو سوار هئا، جن مان 12 پاڻ درياهه مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. درياهه ۾ ٻڏي ويل ٻن عورتن سميت چار ماڻهو گم ٿي ويا. 4 گم ٿيل ماڻهن مان 3 جا لاش بعد ۾ مليا، جڏهن ته هڪ شخص جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو