سجاد علي نئون گانو ”راوي“ پرديسين جي نالي ڪري ڇڏيو

سجاد علي نئون گانو ”راوي“ پرديسين جي نالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سجاد علي جو شمار پاڪستان جي نامور گلوڪارن ۾ ڪيو ويندو آهي جيڪي پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪيترائي ڪامياب گانا مداحن کي ڏئي چڪا آهن. گلوڪار پنهنجو هڪ وڌيڪ گانو (راوي) به رليز ڪيو آهي. سجاد علي مطابق اهو گانو انهن لاءِ جيڪي گهر کان پري پرديس ۾ رهن ٿا. اهي ماڻهو جيڪي پهنجي گهروارن ۽ دوستن کي ياد ڪندا آهن، پنهنجي بچپن کي ياد ڪندا آهن، پنهنجي زبان جي خوبصورتي پنهنجي ثقافت ۽ هر اها ڳالهه جيڪا ان جي سڃاڻپ بڻبي آهي ان کي ياد ڪندا آهن. گاني جي ويڊيو کي ڏسي ائين محسوس ٿيندو آهي ته ان جي شوٽنگ پاڪستان کان ٻاهر ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪئي وئي هجي جتي سجاد علي پنهنجي فيملي کي ياد ڪندو هجي. واضح رهي ته ان گاني جا ٻول به خود سجاد علي تحرير ڪيا آهن جڏهن ته ڪمپوزيشن به ان جي پنهنجي آهي. گاني جو ميوزڪ شاهي علي جڏهن ته ويڊيو عمير شهزاد بڻائي آهي. ان گاني کي ميڊيا تي سجاد علي جا مداح بيحد پسند ڪري رهيا آهن. ان گاني کي يوٽيوب تي هن مهل تائين 1 لک 60 هزار کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ۽ ٻڌو ويو آهي. سجاد علي پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪيترائي ڪامياب گانن جي گلوڪاري ڪئي آهي ان ۾ (تُم ناراض)، هر ظلم، روني نه ديا شامل آهن. واضح رهي ته سجاد جي ڪيريئر جو پهريون البم 1979ع ۾ رليز ٿيو هو جيڪو تمام گهڻو ڪامياب ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو