ساوند سندراڻي تڪرار جي نبيري لاءِ ڪيل جرڳو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

ساوند سندراڻي تڪرار جي نبيري لاءِ ڪيل جرڳو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ساوند سندراڻي تڪرار جي نبيري لاءِ ڪيل جرڳي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو،ناليواري سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل شبير شر سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ جرڳن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ورتي،درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 2004 ۾ جرڳن تي پابندي لڳائي چڪي آهي، عدالت جرڳا ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪم باوجود خونن جا جرڳا ڪيا پيا وڃن، حڪومتي نوٽيفڪيشن موجب ديئت يا قصاص جي رقم 67 لک 57 هزار روپين کان وڌيڪ هجڻ گهرجي، ساوند سندراڻي تڪرار جي نبيري لاءِ 26 خونن جو في خون 20 لک روپيا معاوضو مقرر ڪيو ويو، شهيد پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري رکندڙ پاڪستان جو ٽيون ۽ سنڌ جو پهريون نوجوان هو، شهيد اجمل جي قاتلن کي بچائڻ لاءِ سندس خون بها هڪ ڪروڙ روپيا مقرر ڪئي وئي، نبيري جي نالي تي پروفيسر اجمل ۽ ٻين جي قاتلن کي ڇوٽ ڏياري وئي، جرڳي جي نالي تي نجي عدالتون لڳائيندڙن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي

پهنجو تبصرو موڪليو