سانگهڙ: (ن س) منگلي پوليس اسٽيشن جي حد مان هڪ نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو.38 چڪ جي رهواسي احمد محمود کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو. نوجوان کي ڪهاڙين سان قتل ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس چهري تي تيزاب اڇلائي ساڙيو ويو. احمد محمود ٻن ڏينهن کان گم هو. اڄ سندس لاش 42 چڪ جي ويجهو مليو.وارثن موجب، مقتول شفيع آباد وڃڻ لاءِ گهر کان نڪري ويو هو. پوليس موجب، لاش تي تشدد جا واضح نشان آهن. لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جوابدار جي ڳولا لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جن کي جلد حراست ۾ ورتو ويندو. ضروري ڪارروائي کانپوءِ مقتول جي لاش وارثن جي حوالي ڪئي وئي.










