سانگهڙ  ۾ تيل ۽ گيس جو نئون ذخيرو ملي ويو

سانگهڙ ۾ تيل ۽ گيس جو نئون ذخيرو ملي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) سنڌ جي علائقي سانگهڙ ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) کي موڪليل نوٽيس ۾ او جي ڊي سي ايل چيو آهي ته ڪمپني 26 جون تي ڪان وي جي کوٽائي لاءِ ڊرلنگ جو ڪم شروع ڪيو، جنهن لاءِ 3400 ميٽر کوٽائي ڪئي وئي. ڊرل اسٽيم ٽيسٽ جي نتيجن موجب، کوهه روزانو 2,000 بيرل تيل ۽ 1.30 ملين ڪيوبڪ فوٽ گئس پيداوار ڏيندو. بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته او جي ڊي سي ايل جو کوهه ۾ آپريٽر طور 100 سيڪڙو اسٽيڪ آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال جي ابتدا ۾ ٽنڊو الله يار ۾ تيل ۽ گيس جا ذخيرا مليا هئا. او جي ڊي سي ايل 50 سالن کان ملڪ ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا جو ڪم ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو