سانگهڙ: (ن س) ڪوٽ نواب ڀرسان اڻڄاتل هٿياربند ڪار تي فائرنگ ڪري ٽن پوليس اهلڪارن کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن.واقعي جي اطلاع ملڻ ٿي پوليس پهڇي زخمي ٿيل اهلڪارن کي سول اسپتال سانگهڙ آندو جتي زخمين جي سڃاڻپ اهلڪار نجيب ناريجو نادر ناريجو ۽ علي حسن رونجهو طور ٿي آهي جنهن مان هڪ پوليس اهلڪار نجيب ناريجو جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس نوابشاه ريفر ڪيو ويو.واقعي جي اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي سانگهڙ عابد بلوچ سي آئي اي انچارج ۽ ايس ايڇ او سانگهڙ پڻ اسپتال پهڇي زخمين اهلڪارن کان تفصيل وٺڻ بعد جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي ٻڌايو پيو وڃي ته زخمين مان هڪ اهلڪار نجيب ناريجو کي پنج گوليون لڳل آهن جنهن کي نوابشاه ريفر ڪيو ويو آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته ڪار ۾ سوار اهلڪار سانگهڙ کان ڪوٽ نواب ڏانهن وڃي رهيا ته کين هٿياربندن گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن واقعي جي اطلاع تي پوليس علائقي ۾ ڪڙو چاڙهي ناڪابندي شروع ڪري ڇڏي آهي.










