سامارو: (ن س) سامارو ڀرسان وڏي ڀاء پنھنجي ننڍي ڀاء کي قتل ڪري لاش مٺڙائو ڪئنال۾ لوڙھڻ بعد گھر ۾ پنھنجي زال کي به قتل ڪري ڇڏيو, سامارو ڀرسان ديھ بکوري جي ڳوٺ رمضان شر ۾ ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ وڏي ڀاء اميد علي شر پنھنجي ننڍي ڀاء شُعبان شر کي قتل ڪري لاش مٺڙائو ڪئنال ۾ لوڙھڻ بعد پنھنجي زال پٺاڻي کي به گھر ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب سامارو پوليس پاران ٻٽي قتل جي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جا اطلاع سامارو لڳ يونين ڪائونسل آراڙو ڀرڳڙي جي ديھ بکوري جي ڳوٺ رمضان شر ۾ جوابدار اميد علي پُٽ بشير شر پنھنجي زال پٺاڻي ۽ ننڍي ڀاء شعبان پٽ بشير شر کي ڪارنهن الزام ڏئي ٻٽو قتل ڪري ڇڏيو ٻٽي قتل جي اھڙي اطلاع تي حد جي سامارو پوليس واقعي واري ڳوٺ رمضان شر ۾ پھتي ۽ ايس ايس پي عمرڪوث ميڊم سُھائي عزيز ٽالپر پڻ ڳوٺ رمضان شر ۾ واقعي واري ھنڌ پھچي سرزمين جو جائزو ورتو ۽ سامارو پوليس کي فوري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو پوليس مقتولا عورت جو لاش واقعي واري ھنڌ تان کڻائي پوسٽ مارٽم لاء سامارو تعلقا نيو ويو جتي ليڊي ڊاڪٽر ٽريننگ تي ڪراچي ھُئڻ سبب سامارو پوليس مقتولا عورت جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء ڪنري تعلقا اسپتال کڻائي وئي, ذريعن موجب سامارو پوليس پاران گرفتار ڪيل جوابدار اميد علي شر جي ڪرايل نشاندھي واري ھنڌ تان مٺڙائو ڪئنال مان مقتول جي لاش جي پوليس وارثن ۽ ڳوٺاڻن پاران مقامي ٽوٻن جي مدد سان ڪئنال مان ڪافي ڳولا بعد ڳچ مفاصلي تان ھيٺاھين کان ڪئنال تي جاڙن واٽر ڪورسن ڀرسان مقتول نوجوان شعبان شر جو لاش ھٿ ڪري سامارو پوليس پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء سامارو تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. سامارو پوليس جي ايس ايڇ او عطا محمد لغاري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻنھي مقتولن ڏير ۽ ڀاڄائي جي لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويندا ۽ ٻٽي قتل جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.










