ساره خان جو برائيڊل ميڪ اپ، ’گولا گنڊا‘ قرار

ساره خان جو برائيڊل ميڪ اپ، ’گولا گنڊا‘ قرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ٽيليويزن جي مشهور اداڪارا ساره خان جو برائيڊل ميڪ اوور تنقيد جي ور چڙهي ويو.
ساره خان ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۾ شاندار اداڪاري سبب شهرت ماڻي آهي. سوشل ميڊيا تي به سندس مداحن جو وڏو انگ موجود آهي ۽ انسٽاگرام تي کيس 12.7 ملين ماڻهو فالو ڪن ٿا. هوءَ ڳائڻي فلڪ شبير جي گهرواري آهي ۽ ٻئي پنهنجي ٻن ڌيئرن، عاليانه ۽ رانيه، سان گڏ خوشگوار زندگي گذاري رهيا آهن.
تازو ساره خان هڪ بيوٽي سيلون جي فوٽو شوٽ لاءِ ڪنوار جو روپ اختيار ڪيو، جنهن دوران هن ڳاڙهي رنگ جو لباس پهريو ۽ ان سان گڏ خوبصورت زيور پڻ پاتا.
تنهن هوندي به، ساره خان جو هي برائيڊل ميڪ اوور سوشل ميڊيا واهپيدارن کي پسند نه آيو.
صارفين موجب، سندس قدرتي چهري جي رنگ بدران آئيوري بيس (Ivory Base) استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته تمام گهڻي چمڪ وارو ميڪ اپ سندس چهري کي غير فطري ۽ حد کان وڌيڪ نمايان بڻائي ڇڏيو.
ساره خان جي برائيڊل لُڪ تي تنقيد ڪندي مداحن چيو ته ڳري ميڪ اپ سندس قدرتي خوبصورتي کي متاثر ڪيو آهي.
هڪ صارف لکيو ته هوءَ “گولا گنڊا” جهڙي لڳي رهي آهي، جڏهن ته ٻئي تبصرو ڪيو ته ضرورت کان وڌيڪ ميڪ اپ ڪري ساره خان کي سندس اصل عمر کان وڌيڪ وڏي عمر واري ڏيکاريو ويو آهي.
هڪ صارف لکيو ته ميڪ اپ ساره جي قدرتي خوبصورتي کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻئي جو چوڻ هو ته ڳري ميڪ اپ ۽ چمڪدار بلش سبب سندس چهري جا نقش ئي تبديل ٿي ويا آهن.
ڪيترن ئي واهپيدارن حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته ساره خان هن انداز ۾ سٺي نٿي لڳي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن کيس “آنٽي” به قرار ڏنو.
مداحن جي وڏي انگ جو چوڻ آهي ته ساره خان فطري طور انتهائي خوبصورت اداڪارا آهي، ۽ اهڙي قسم جو ڳرو ميڪ اپ سندس قدرتي حسن کي لڪائي ڇڏي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو