اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان اتحاد اڳواڻ ساجد ترين سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج اطهر من الله سان ملاقات ڪئي آهي.ساجد ترين ۽ اڳوڻي جج اطهر من الله اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي ساجد ترين ايڊووڪيٽ جسٽس (ر) اطهر من الله جي مضبوط موقف ۽ مظلومن لاءِ سندس خدمتن جي تعريف ڪئي.










