زين قريشي کي دبئي وڃڻ کان روڪيو ويو

زين قريشي کي دبئي وڃڻ کان روڪيو ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي کي دبئي وڃڻ کان روڪيو ويو.ذريعن موجب زين قريشي پرڏيهي ايئر لائن جي اڏام ذريعي دبئي وڃي رهيو هو.شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي جو نالو PNIL لسٽ ۾ IBMS سسٽم تي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته زين قريشي ملتان پوليس کي 9 مئي جي واقعن ۾ داخل ٿيل ڪيس ۾ گهربل آهي.زين قريشي جو نالو ڊي آءِ جي ليگل پنجاب جي سفارش تي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو