زوب (ويب ڊيسڪ)زوب ٽرڪ ڊيپو ۾ هڪ آئل ٽينڪر ۽ ڪوئلي جي ٽرڪ کي باهه لڳي وئي، باهه جو هي افسوسناڪ واقعو زوب ٽرڪ ڊيپو ۾ بيٺل هڪ آئل ٽينڪر ۽ ڪوئلي جي ٽرڪ ۾ پيش آيو، باهه جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ فائر برگيڊ جا عملدار موقعي تي پهچي ويا ۽ ٿڌي ڪرڻ جي عمل ۾ حصو ورتو،باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 16 ماڻهو زخمي ٿيا، جن مان 6 جي حالت نازڪ آهي، جڏهن ته زخمين ۾ ٽرڪ ۽ آئل ٽينڪر جو عملو، فائر برگيڊ ۽ پوليس اهلڪار شامل آهن.










