ساڪون رڄ ڪي روٽي ڏي، شاڪر شجاع آبادي !

ملير (ڳالهه ٻولهه: درياخان شر) شاڪر شجاع آبادي سرائيڪي ٻوليءَ جي ناليواري مزاحمتي شاعر شاڪر شجاع آباديءَ جو اصل نالو محمد شفيع ولد مولوي الهيار آهي. سندس جنم 1955ع ڌاري ڳوٺ مِٺو لڳ شجاع آباد، ضلعي ملتان ۾ ٿيو. هن پنج درجا تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ مٺوءَ مان حاصل ڪئي. ٻن سال جي عمر ۾ مُدي جو بخار ٿي پيو، جنهن سبب سڄي زندگيءَ لاءِ صحت جي مسئلن کي منهن ڏيندو رهيو آهي.. 1994ع ۾ کيس جسماني بيماري زور وٺي وئي.، جنهن کيس معذور بڻائي ڇڏيو ۽ تازو ڪجهه سالن کان هو صحيح نموني ڳالهائي نه ٿو سگهي. شاڪر شجاع آباديءَ جو شمار سرائيڪيءَ جي ناليوارن مزاحمتي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن نظم، غزل ۽ گيت لکيا آهن. هن سرائيڪي ٻوليءَ ۾ هڪ نئين صنف ‘سُجهاول’ پڻ متعارف ڪرائي، جيڪا هائيڪو جي ويجهي آهي. هن سرائيڪيءَ کان سواءِ ميواتي، انگڙي (هريانوي)، اردو۽ پنجابيءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. پر هو پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو. 2017ع ۾ کيس ‘تمغه امتياز’ سان نوازيو ويو. سندس 13 کان وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ ‘لهو دا عرق‘، ’پهلي پتر’، ‘بلندين هنجو’، ‘ڪلام شاڪر’، ‘شاڪر دي دوهڙي’، ‘گلاب ساري تمهين مبارڪ’ ۽ ‘ساحل پر سفينه سانسون ڪا’ قابل ذڪر آهن. شاڪر شجاع آباديءَ چيو ته مون کي زراعت جو وڏو شوق آھي  ۽ مان پنهنجي زندگي مان خوش آھيان. شاڪر جو هڪ شعر آهي ته ستر حوران دي بدلي گزاره هڪ تي ڪر گهنسان ، اي ربا ساڪون رڄ ڪي روٽي ڏي!

پهنجو تبصرو موڪليو