زمبابوي کي شڪست، پاڪستان سيريز 1-2 تان کٽي ورتي

زمبابوي کي شڪست، پاڪستان سيريز 1-2 تان کٽي ورتي

بلاوايو (ويب ڊيسڪ) سيريز جي ٽئين ۽ فيصلائتي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي هڪ طرفي ميچ کانپوءِ 99 رنسن تان شڪست ڏئي پهرين ميچ ۾ ناڪامي باوجود سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. ڪامران غلام کي پليئر آف دي ميچ (300 ڊالر) ۽ صائم ايوب کي پليئر آف دي سيريز(1000 ڊالر) قرار ڏنو ويو. بلاوايو ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. بلاوايو ۾ پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات صائم ايوب ۽ عبدالله شفيق ڪئي ۽ ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي اسڪور 58 رنسن تائين پهچايو جڏهن ته صائم ايوب 31 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.ان کانپوءِ ڪامران غلام عبدالله شفيق سان گڏ پارٽنرشپ ٺاهي ٽيم جو اسڪور 22 اوورن ۾ 100 رنسن تائين پهچايو. قومي ٽيم جي ٻي وڪيٽ 23 هين اوور ۾ 112 رنسن تي ڪري پئي جڏهن عبدالله شفيق 50 رنسون ٺاهي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان جي ٽئين وڪيٽ 39.2 اوورن ۾ 201 رنسن تي ڪري پئي، محمد رضوان 37 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.قومي ٽيم جي چوٿين وڪيٽ 44.3 اوورن ۾ 232 رنسن تي ڪري پئي، ڪامران غلام 103 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. هن 4 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان سينچري اسڪور ڪئي.پاڪستان جي پنجين وڪيٽ 47.3 اوورن ۾ 273 رنسن تي ڪري پئي، سلمان آغا 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته ڇهين وڪيٽ 48.4 اوورن ۾ 283 رنسن تي ڪري پئي، عرفان خان 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، طيب طاهر 16 بالن تي 4 چوڪن جي مدد سان 29 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ هن پاڪستان جو ٽوٽل اسڪور 300 کان پار ڪرايو. هدف جي تعاقب ۾ زمبابوي جي ٽيم بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهي ۽ پوري ٽيم 41 هين اوور ۾ 204 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.زمبابوي طرفان ڪريگ ارون ۽ برائن بينٽ 51 ۽ 37 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته اديوانشي مروماني ۽ شان وليمسن 24 ۽ 24 رنسن جي اننگز کيڏي. ان کانسواءِ هوم ٽيم جو ڪو به رانديگر نمايان ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو.پاڪستان طرفان صائم ايوب، ابرار احمد، حارث رئوف ۽ عامر جمال 2-2 جڏهن ته فيصل اڪرم ۽ ڪامران غلام هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو