رٽائرڊ ملازمن جو بقاياجات جي ادائگي لاءِ احتجاج

رٽائرڊ ملازمن جو بقاياجات جي ادائگي لاءِ احتجاج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي اردو يونيورسٽي جي رٽائرڊ استادن ۽ غير تدريسي عملي جي ميمبرن هڪ ڀيرو ٻيهر خميس ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاج ڪيو، جتي انهن پنهنجي وڏي عرصي کان روڪيل پينشنن ۽ بقاياجات جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو. احتجاج دوران جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا، جڏهن وڏي عمر جي بزرگ  مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيا ۽ يونيورسٽي جي انتظاميا، خاص طور تي وائس چانسلر خلاف نعرا هنيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين دعويٰ ڪئي ته يونيورسٽي وٽ پينشن فنڊ ۾ 670 ملين رپيا موجود آهن ۽ تازو وفاقي گرانٽ طور 320 ملين رپيا پڻ مليا آهن، تنهن هوندي به 2017 کان رٽائر ٿيندڙ درجنين ملازمن کي اڃا تائين پنهنجي پينشن ۽ واجبات نه مليا آهن. مظاهرين موجب، گهٽ ۾ گهٽ 8 رٽائرڊ ملازم انتظار ڪندي حياتي وڃائي ويٺا آهن. هڪ رٽائرڊ پروفيسر چيو: “هڪ تعليمي اداري جو سربراهه اداري ۾ موجود هجڻ گهرجي، جڏهن وائس چانسلر بار بار ٻاهر ملڪن ۾ هوندو ۽ سوالن کان پاسو ڪندو ته ادارا پوئتي رهجي ويندا آھن۔” مظاهرين وائس چانسلر تي الزام هنيو ته هو مسلسل غير حاضر رهندو آهي ۽ رٽائرڊ ملازمن جي مسئلن کي نظرانداز ڪري رهيو آهي، جنهن سبب يونيورسٽي ۾ انتظامي ۽ مالي بحران وڌي رهيو آهي. ڊاڪٽر توصيف احمد خان، جيڪو رٽائرڊ ملازمن جي ڪميٽي جو ڪنوينر آهي، چيو ته “اهو احتجاج بي وسي جو اظهار نه، پر ضمير جي صداَ آهي. اسان خيرات نه ٿا گهرون، اسان پنهنجي حق جا پيسا ٿا گهرون.” هن ٻڌايو ته وفاقي محتسب پينشن ۽ جي پي فنڊ مان واجبات جاري ڪرڻ لاءِ واضح حڪم جاري ڪيو آهي، پر يونيورسٽي جي انتظاميا آئين جي انهي حڪم جي سڌي سنئين نافرماني ڪري رهي آهي. “جيڪڏهن اھڙو رويو جاري رهيو، ته اسان احتجاج کي قومي سطح تي وٺي وينداسين.” مظاهرين عزم ظاهر ڪيو ته هو پنهنجي جدوجهد جاري رکندا، جيستائين انهن جون پينشن ۽ بقايائون ادا نه ڪيون وڃن، ۽ وائس چانسلر کي فوري طور ادائگي يقيني بڻائڻي پوندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو