ريٿڪ روشن کي پسند ڪرڻ تي زال قتل، مڙس جي خود ڪشي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارن ۽ ادا ڪارئن کي هرڪو پسند ڪندو آهي پر اهري پسند تي موت جي سزا ملڻ بابت اوهان شايد ئي ٻڌو هجي. جي ها آمريڪا جي شهر نيو يارڪ ۾ رهندڙ 33 سالن جي دنيشور بڌيڌت نالي همراه پنهنجي 27 سالن جي زال ڊون جوائي کي ان ڪري قتل ڪري ڇڏيو ته هوءَ ڀارتي فلم سپر اسٽار ريٿڪ روشن کي پسند ڪندي هئي. دنيشور پنهنجي گهرواري کي چاقو هڻي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.

جولاءِ ۾ هنن شادي ڪئي هئي، فوٽو فيسبڪ

برطانوي اخبار “دي سن” جي رپورٽ موجب ڊون جي 52 ساله دوست مالا پوليس کي ٻڌايو ته مقتولا کيس ٻڌايو هو ته سندس مڙس ريٿڪ روشن کان سڙندو آهي ۽ ايتري قدر جو جڏهن سندس ڪا فلم يا گانو ٽي وي تي ڏسندي آهيان ته هو ڪاوڙ ۾ چينل مٽائي ڇڏيندو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته قاتل زال جو خون ڪرڻ بعد پنهنجي ساليءَ کي فون ڪري چيو ته سندس ڀيڻ کي هن ماري ڇڏيو آهي ۽ سندس لاش فليٽ ۾ پيو آهي جنهن جي چاٻي دروازي وٽ رکيل گلدان ۾ پئي آهي. هنن جي شادي جولاءِ ۾ هن سال ٿي هئي ۽ منڍ کان ئي مڙس زال تي تشدد ڪندو هو، ڪجهه وقت اڳ زال کي مار ڪٽ بعد هن کي پوليس گرفتار به ڪيو هو.

نيو يارڪ ۾ رهندڙ بدنصيب جوڙو، فوٽو فيسبڪ

ڊون جوئي هڪ بار ۾ ملازمت ڪندي هئي ۽ “ڪهو نه پيار هي” سندس فيورٽ مووي هئي. ياد رهي ته ريٿڪ روشن بالي ووڊ ۾ يوناني ديوتا طور مشهور آهي ۽ کيس هن مهل تائين هزارين ڇوڪريون شادي جي آڇ ڪري چڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو