ريزڪي دوڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ تي عمل جاري

ريزڪي دوڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ تي عمل جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان قرض جي نئين پروگرام لاءِ ڪم جاري آهي ۽ پاڪستان حڪومت 3 لک پرچون فروش دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جا ساليانو اجلاس اڄ واشنگٽن ۾ شروع ٿي رهيا آهن، اجلاس ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد شرڪت ڪندو.ذريعن موجب 17 اپريل کان 19 اپريل تائين وزارتي ۽ اهم ملاقاتون رٿيل آهن، ناڻي وارو وزير ايم ڊي آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي صدر سان ملاقاتون ڪندو، ناڻي وارو وزير دوست ملڪن ۽ آمريڪي ناڻي واري وزير سان به ملاقاتون ڪندو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين قرض پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف کي درخواست ڪئي ويندي، نئين قرض پروگرام جي شرطن جو تعين ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف مشن مئي ۾ پاڪستان جو دورو ڪري سگهي ٿو،ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان گڏجي نئين قرض جي پروگرام جي شروعاتي منصوبي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، آءِ ايم ايف جو نئون قرض پروگرام 3 سالن لاءِ هوندو جنهن ۾ 6 کان 8 ارب ڊالرن جو پيڪيج هوندو.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب نئين پروگرام تحت ايف بي آر ۾ هلندڙ سڌارن کي تيز ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان حڪومت 30 لک پرچون ڪندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ريئل اسٽيٽ ۽ زرعي شعبي مان ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري آءِ ايم ايف جي مطالبي تي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو