روڊن، سروس روڊ، پلاٽس، بجٽ  بازارن ۽ رڪشا  اسٽينڊ ختم ڪرڻ جو حڪم

روڊن، سروس روڊ، پلاٽس، بجٽ بازارن ۽ رڪشا اسٽينڊ ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ روڊن، سروس روڊ، پلاٽس، بجٽ بازارن ۽ رڪشا اسٽينڊ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 28 مئي تي رپورٽ گهري ورتي، اڱاري تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورنگي ۾ مختلف رستن ۽ پلاٽس تي غير قانوني بجٽ بازارن ۽ رڪشا اسٽيڊ قائم هجڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته مختلف علائقن ۾ غير قانوني بجٽ بازار ۽ رڪشا اسٽيڊ قائم ڪيا ويا آهن، غير قانوني سرگرمين کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، حڪم جي باوجود غير قانوني رڪشا اسٽيڊ ختم نه ڪرڻ تي عدالت پوليس ۽ ڊپٽي ڪمشنر تي ڪاوڙ جو اظهار، جسٽس عقيل احمد عباسي رمارڪس ڏيندي چيو ته روڊن تي غير قانوني رڪشا اسٽيڊ ۽ بجٽ بازارون قائم آهن، انهن جي هٽايو وڃي رستا بند آهن، ماڻهن کي پريشاني آهي، سرڪاري وڪيل موقف ڏنو ته ايس ايس جو جواب اچي چڪو آهي، ڪمشنر جو جواب اچڻ اڃان باقي آهي، ڊپٽي ڪمشنر طرفان جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت ڏني وڃي. عدالت روڊن، سروس روڊ ۽ پلاٽس تي بجٽ بازارون ۽ رڪشان اسٽيڊ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته آپريشن مڪمل ڪري پوليس ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي 28 مئي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو