روهڙي: (ن س) درگاهه بال مبارڪ ويجهو سنڌو نديءَ ۾ وهنجندي هڪ ئي گهر جا 3 ٻار ٻڏي ويا، جنهن ڪري علائقي ۾ سخت ڏک واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.ريسڪيو ذريعن موجب، ٻار گرمي جي ڪري درياءَ ۾ وهنجڻ ويا هئا ته ان دوران اوچتو اونهي پاڻي ۾ هليا ويا ۽ ٻڏي ويا. ٻڏي ويلن مان هڪ 5 سالن جي ٻار جو لاش ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ نياڻي ۽ هڪ ٻار جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. ريسڪيو ٽيمون ۽ مقامي ٽوٻا (غوطاخور) گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۾ مصروف آهن. ٻڏي ويل ٽئي ٻار پاڻ ۾ ڀائر ۽ ڀيڻ آهن، جنهن ڪري علائقي ۾ سخت افسوس ۽ ڏک جو ماحول آهي. واقعي کانپوءِ آس پاس جا وڏي انگ ۾ ماڻهو واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا آهن، جڏهن ته ريسڪيو ادارا امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ڪري رهيا آهن.










