روهڙي، نوجوان گهرو اڻبڻت تان زندگي جو انت ڪري ڇڏيو

روهڙي، نوجوان گهرو اڻبڻت تان زندگي جو انت ڪري ڇڏيو

روهڙي ) ن س (روهڙي ٿاڻي جي حد نيويارڊ ڪالوني ۾ هڪ نوجوان مبينا گهرو اڻبڻت تي پسٽل جو فائر ڪري پنهنجي زندگيءَ جو انت ڪري ڇڏيو. نوجوان شهادت علي پٽ احمد علي هاليپوٽو جي لاش کي تعلقي اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو، جتي تصديق ڪئي وئي آهي ته هو فوت ٿي چڪو آهي.وارثن جي مطابق، نوجوان ڪجه ڏينهن کان ذهني پريشانين ۾ مبتلا هو. ان دوران، اڄ هو ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي مٿان پسٽل جو فائر ڪري مبينه خودڪشي ڪئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هو رٽائرڊ ايس ايڇ او احمد علي هاليپوٽو جو پٽ هو.پوليس موجب ته معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ لاڳاپيل قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو