روزگار جي فراهمي بلاول جو ويزن ۽ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي

روزگار جي فراهمي بلاول جو ويزن ۽ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ڪيل جاب اينڊ ايجوڪيشن فيئر نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان رستا کوليندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ڪيل چوٿين “لائينز جاب اينڊ ايجوڪيشن فيئر” جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن موقعي تي تقريب جي روحِ روان ميمبر قومي اسيمبلي مهيش ڪمار، چيئرمين هائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد ، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي ان کان علاوه ٻين معزز پڻ ساڻس گڏ هئا. بلديات واري وزير سيد ناصر شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شهر جي تعمير ۽ ترقي عوامي ادارن ۾ ڊسيپلين ۽ ضابطن جي واپسيءَ لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. سرڪاري ادارن ۾ ته خاص ماڻهن (Special Persons) جي ڪوٽا تي سختيءَ سان عمل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پبلڪ سيڪٽرن ۽ صنعتي ادارن ۾ پڻ عورتن کي برابر جا حق ڏيڻ تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته هڪ اندازي موجب سنڌ ۾ نه صرف سرڪاري ادارن ۾ پر وڏي انگ ۾ پبلڪ سيڪٽرن جا به اسٽالز موجود آهن، جن جي مدد سان ڪافي هنرمند ڪارڊ هولڊرز کي روزگار جي حوالي سان فائدا حاصل ٿيا آهن، جڏهن ته اميد آهي ته هن ڀيري به عورتن لاءِ بهتر روزگار جا نوان ۽ باوقار موقعا ميسر ايندا. بلديات واري وزير وڌيڪ چيو ته عوام کي روزگار جي فراهمي بلاول ڀٽو زرداريءَ جو ويزن ۽ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. سيد ناصر حسين شاهه روزگار جي فراهمي جي حوالي سان سوشل ويلفيئر کاتي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي بلديات واري وزير سان گڏ ڪمشنر ڪراچي پڻ موجود هو، جتي هن مختلف اسٽالن جو معائنو پڻ ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو