ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ رمضان المبارڪ دوران بينڪن جي ڪم جا ڪلاڪ جاري ڪري ڇڏيا آهن.مرڪزي بينڪ موجب رمضان المبارڪ دوران بينڪون سومر کان خميس تائين صبح 9 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين کليل رهنديون، جڏهن ته جمعي ڏينهن بينڪن جو وقت صبح 9 وڳي کان منجهند 12:30 تائين هوندو.اسٽيٽ بينڪ موجب رمضان المبارڪ دوران بينڪن جي پبلڪ ڊيلنگ جا ڪلاڪ سومر کان خميس تائين صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين هوندا، جڏهن ته جمعي ڏينهن بينڪون صبح 9 وڳي کان منجهند 12:30 وڳي تائين پبلڪ ڊيلنگ ڪنديون.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته رمضان المبارڪ دوران آفيس جو وقت سومر کان خميس تائين صبح 9 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين هوندو، جڏهن ته جمعي ڏينهن آفيس جو وقت صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين هوندو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رمضان المبارڪ ۾ ڪاروباري ڪلاڪ 9:17 کان 1:30 تائين هوندا ۽ جمعي ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ڪلاڪ 9:17 کان 12:30 تائين هوندا.










