ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌحڪومت ڊاڪٽر شاھنواز واقعي جي جوڊيشل انڪوائري لاءِ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکي ڇڏيو، گھرو کاتي جي سيڪشن آفيسر اعجاز ڀٽي پاران جوڊيشل ڪميشن لاءِ خط لکيو ويو آھي ـ خط ۾چيو ويو ته جوڊيشل انڪوائري ۾ ڊاڪٽر شاھنواز خلاف داخل ٿيل ڪيسن سميت سندس قتل جي داخل ٿيل ڪيس جي پڻ انڪوائري ڪرائي وڃي، گھرو کاتي پاران هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل ڪميٽي جوڙڻ لاءِ لکيو ويو، ڊاڪٽر شاھنواز جي خلاف داخل ٿيل ڪيسن سميت مجموعي طور تي داخل ٿيل 6 ڪيسن جي انڪوائري ڪرائي ويندي ـ











