راڻيپور (ن س) راڻيپور ۾ واڙي تي ڪم ڪندڙ نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي، پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو. ڪچي آبادي ۾ مال جي واڙي تي ڪم ڪندڙ نوجوان سراج منڱڻيجو جو رسي ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو. وارثن کي اطلاع مليو ته هو نوجوان جو لاش کڻائي ڳوٺ ڪينجهر مڱڻيجا هليا ويا. سوشل ميڊيا تي خبر اچن تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي لاش واپس کڻائي اسپتال پهچايو جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. وارثن جي شڪ تي پوليس نثار احمد موجن مڱڻيجو کي گرفتار ڪري ورتو جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ڪري رهيا آهيو واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.










