راولپنڊي جي ٽيم کي ڪوئٽا پاران 61 رنز تان شڪست

راولپنڊي جي ٽيم کي ڪوئٽا پاران 61 رنز تان شڪست

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) راولپنڊي جي پوري ٽيم 17.3 اوورن ۾ 121 رنز تي پوري ٽيم آئوٽ ٿي وئي. ڪوئٽا کين 61 رنز تان شڪسٽ ڏئي ڇڏي آهي. راولپنڊيز جي ٽيم جي بيٽنگ شروع کان ئي مشڪل جو شڪار رهي، ڪپتان محمد رضوان جهانداد خان جي بال تي سلپ ۾ رائلي روسو هٿان ڪيچ ٿي ويو، ٻيو اوپنر عثمان خواجا به هڪ ڇڪو هڻي 7 رنسون ٺاهي حسن نواز جي ٿرو تي ابرار جي بال تي رن آئوٽ ٿي ويو،ون ڊائون ياسي خان هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 22 رنز ٺاهي، ابرار جي بال تي خواجا نافع هٿان ڪيچ ٿي ويو. عبدالله فضل 20 رنز ٺاهي عثمان طارق جي بال تي خليل احمد جي خوبصورت ڪيچ تي آئوٽ ٿيو، سيم بلنگز هڪ رن ٺاهي 9 سالن بعد پي ايس ايل کيڏندڙ نوابشاهه جي رانديگر ڪاشف ڀٽي جي بال تي فاسٽ بالر خليل احمد هٿان ڪيچ ٿيو، ڊيرل مچل 30 رنس ٺاهيون ته سعود شڪيل کيس پنهنجي ئي بال تي ڪيچ ڪيس، ٻئي بال تي هن خواجا نافع هٿان آصف آفريدي کي زيرو تي ڪيچ ڪرايو، هنکي هيٽ ترڪ چانس مليو پر خراب بال سبب موقعو نه مليس. 84 رنز تي پنڊيز جا 7 رانديگر آئوٽ ٿي ويا ۽ ميچ تي ڪوئٽا جو ڪنٽرول لڳي رهيو هو.مبصر خان 6 رنز ٺاهي عثمان طارق جي بال تي جهانداد هٿان ڪيچ ٿيو، محمد عامر کي رائلي روسو رن آئوٽ ڪيو ۽ راولپنڊي جي پوري ٽيم 121 تي آئوٽ ٿي وئي. ان کان اڳ حسن نواز جي پنج ڇڪن سان 16 بالن تي 39 ناٽ آئوٽ ۽ جهانداد خان جي 6 بالن تي 21 رنز ناٽ آئوٽ جي اننگ سبب ڪوئٽا 20 اورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنز ٺاهي ورتا. ڪوئٽا جو اوپنر سيم هارپر 8 رنز ٺاهي بين سيئرز جي بال تي بولڊ ٿي ويو، رائلي روسو هڪ ڇڪي ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 42 بالن تي 53 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. مبصر خان جي بال تي سيم بلنگز کيس ڪيچ ڪيو. سعود شڪيل وڏا شاٽ کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 39 بالن تي 42 رنز ٺاهي بن سيئرز جي بال تي بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد حسن نواز آيو جنهن ڇڪا هڻڻ شروع ڪيا. خواجا نافع جو ڪيچ سيم بلنگز ڊراپ ڪيو پر وري جلدي وڏي هٽ جي چڪر ۾ 6 رنز ٺاهي محمد عامر جي بال تي عثمان خواجا هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد بيون جيڪب ۽ حسن نواز ٽيم جو اسڪور 150 کان مٿي ٽپايو. پاڪستان سپر ليگ ايڊيشن 11 جي 18 هين ميچ ۾ راولپنڊي ٽاس کٽي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو آهي.نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ ميچ ۾ راولپنڊي جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سعود شڪيل کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني. ٻنهي ٽيمن پي ايس ايل 11 ۾ هاڻي تائين چار ميچ کيڏيا آهن، جنهن ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز هڪ ميچ ۾ ڪامياب ٿي جڏهن ته راولپنڊي هڪ ميچ ۾ به ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز پوائنٽس ٽيبل تي ڇهين نمبر تي آهي جڏهن ته راولپنڊي اٺين نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو