ذهني صحت لاءِ الڳ ٿيس پر هاڻ ڊپ ۾ آهيان: شرمين علي

ذهني صحت لاءِ الڳ ٿيس پر هاڻ ڊپ ۾ آهيان: شرمين علي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا شرمين علي پهريون ڀيرو پنهنجي عليحدگي بابت کليل طور تي ڳالهايو، هن چيو ته هن پنهنجي ذهني صحت خاطر الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو پر ان جو منفي اثر پيو آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو منهنجي زندگي ۾ اچي ٿو ته مون کي ان کي وڃائڻ جو ڊپ آهي، تازو اداڪارا هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي. جتي هن پنهنجي ذاتي زندگي ۽ ٻين مسئلن تي کليل طور تي ڳالهايو، شرمين علي هڪ سيگمينٽ دوران چيو ته عليحدگي هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن تي ڳالهائڻ منهنجي لاءِ تمام ڏکيو آهي، هن چيو ته مون پنهنجي ذهني صحت خاطر الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ان وقت سڀني منهنجي مخالفت ڪئي، پر مون کي اهو صحيح لڳو، مان ايتري مضبوط هيس جو مون کي لڳو ته مان سڀ ڪجهه سنڀاليندس ۽ مون پاڻ کي هڪ حد تائين سنڀالي ورتو پر ان کان پوءِ مان زندگي ۾ اڪيلائي جو شڪار ٿي ويس، 35 سالن جي اداڪارا چيو ته جڏهن مون کي زندگي ۾ اڪيلائي جو سامنا ٿيو ته ان کان پوءِ مان ايتري مضبوط نه رهيس. هاڻي جيڪڏهن ڪو دوست يا ماڻهو منهنجي زندگي ۾ اچي ٿو ته مون کي ان کي وڃائڻ جو ڊپ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو