هيگ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي،سعودي جي مذمت

هيگ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي،سعودي جي مذمت

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت دي هيگ ۾ انتهاپسند گروپ طرفان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت مذمت ڪئي آهي.دي هيگ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي تي دنيا جي ملڪن ۾ سخت سوگ ڇانيل آهي جڏهن ته سويڊن، هالينڊ ۽ ڊينمارڪ ۾ به عوامي احتجاج جاري آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي پرڏيهي وزارت جو موقف آهي ته اهڙا عمل واضح طور تي نفرت ۽ نسل پرستي کي جنم ڏين ٿا، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اهڙا قدم انتهاپسندي کي رد ڪرڻ جي عالمي ڪوششن سان ٽڪراءَ ۾ آهن، اهڙن قدمن سان ملڪن وچ ۾ گڏيل احترام ۽ لاڳاپا به خراب ٿين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو