حيدرآباد(ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي دوائن جي قيمتن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي دوائن جي قيمتن گھٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي تہ عوام دوست بجيٽ تيار ڪري کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪيون وڃن. زراعت جي بحالي لاءِ زرعي اوزار سستا ڪيا وڃن. آبادگارن کي ۽ بيروزگار نوجوانن جي روزگار لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏنا وڃن يا روزگار کولي ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بي زمين ھارين جي زمين ڏني وڃي تہ جيئن اھي پنھنجي زمين آباد ڪري سگھن. سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ضنعتي زون قائم ڪيا وڃن. مقامي نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بيڊگورننس جي ڪري بحران ۽ مسئلا آھن. ڪرپشن وڏو مسئلو آھي. سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا ڪرپشن جو مرڪز بنجي ويا آھن. ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن کي ھٽايو وڃي. ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي کوٽ جي ڪري ٺٽو، سجاول، بدين، ميرپورخاص ۽ ٻيا ضلعا سخت متاثر ٿي رھيا آھن..آباد زمينون بنجر ٿي رھيون آھن. فصل سڪي رھيا آھن. پاڻي کوٽ ھٿرادو آھي. پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي. ھوڏانھن اياز لطيف پليجي ٽنڊو محمد خان ۾ صفائي عملي جا 3 ملازم گٽر صاف ڪندي ساھ گھٽجي فوت ٿيڻ واري واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ بلديات کاتي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن آھن. ملازمن کي ڪي بہ سھولتون ناھن.جنھن ڪري ٽنڊو محمد خان جھڙا واقعا اڪثر ٿيندا رھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ٽنڊو محمد خان واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ في فوتي ملازمن جي وارثن کي 50 لک روپيا امداد ڏني وڃي ۽ سندن وارثن کي نوڪري ڏني وڃي










