پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي رياست جي خودمختياري ۽ قومي سلامتي تي کليل جارحيت آهي.سهيل آفريدي بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته بيگناهه شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ کليل بربريت آهي.هن چيو ته صوبي ۾ دهشتگردي رياست جي خودمختياري ۽ قومي سلامتي تي کليل جارحيت آهي، دهشتگردي پاڪستاني قوم جي عزم کي نه ٿي ڊاهي سگهي، شهيدن جو رت رائگان نه ويندو.خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير اهو به چيو ته دهشتگردي سڄي ملڪ لاءِ هڪ گڏيل چئلينج آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪنهن به ڪمزوري يا ابهام جي ڪا به گنجائش ناهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي پوري طاقت سان دهشتگردي سان وڙهندو رهندو ۽ دعا ڪري ٿو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي جلد امن جو گہوارو بڻائي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته سيڪيورٽي فورسز ٻن ڏينهن ۾ بلوچستان ۾ آپريشن دوران فتنہ الھندوستان جي 133 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.










