دنا نير جي آواز ۾ سلام مصطفيٰ جان رحمت مداحن کي پسند اچي ويو

پشاور(ويب ڊيسڪ)سوشل ميڊيا اسٽار دنا نير جي آواز ۾ سلام”مصطفيٰ جان رحمت“ مداحن کي پسند اچي ويو.پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي وڊيو ڪلپس ذريعي وائرل سوشل ميڊيا اسٽار جا چرچا گذريل وقت کان خوب رهيا آهن.هن ڀيري دنا نير عاطف اسلم جي نقش قدم تي هلندي سلام”مصطفيٰ جان رحمت“ پڙهيو جيڪو سڀني کي خوب پسند آيو.صارفن جو چوڻ آهي ته دنا نير جي آواز ۾ دم آهي ۽ هن سلام بي حد سٺو پڙهيو، هڪ صارف چيو ته دنا نير هر فن مولا آهي جڏهن ته ٻئي سندس آواز کي بهترين چيو.

پهنجو تبصرو موڪليو