ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ ڪراچي اولهه جي عدالت دعا ڀٽو جي حليم عادل شيخ کان خلع جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڌرين ۾ ٺاهه جون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن. عدالت ٻار جي خرچن جي مد ۾ حليم عادل شيخ کي 24 هزار رپيا ماهوار ڏيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ٻار جي خرچن بابت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










